چانڊيو حڪيم محمد عالم

چانڊيو، حڪيم محمد عالم: حڪيم محمد عالم چانڊيي ولد اميد علي چانڊيي، ڳوٺ ’بٺي‘ تعلقي ميرو خان، ضلعي قنبر- شهداد ڪوٽ ۾ 1901ع ڌاري جنم ورتو. مولانا مير محمد ڏنگائيءَ کان ديني تعليم حاصل ڪري فارغ التحصيل ٿيو. ان کان پوءِ جامعه مليه ڪاليج دهليءَ مان، طب جي تعليم پرايائين. ڪجهه وقت پنهنجي ڳوٺ ۾ ۽ بعد ۾ لاڙڪاڻي ۾ دواخانو هلايائين. لاڙڪاڻي ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪيائين. پنهنجي ڌنڌي ۾ نهايت ڪامياب رهيو. حڪيم محمد عالم سياست ۾ به حصو ورتو. خلافت تحريڪ ۽ مسجد منزل گاهه هلچل ۾ ڀرپور حصو ورتائين. سياسي طور انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ سان لاڳاپيل رهيو. ڪجهه وقت لوڪل بورڊ جو ميمبر به رهيو. 22 نومبر 1972ع تي وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو